پتڻ ناصراڻي

پتڻ ناصراڻي: هي پتڻ اصل پاٽ شهر جو هڪ درياهي تڙ ۽ ڳوٺ هو، جيڪو پوءِ ناصراڻي پتڻ سڏجڻ ۾ آيو. هن ڳوٺ تي نالو سيد ناصر شاهه جي ڪري پيو، جنهن جو روضو پاٽ پراڻيءَ جي ڀرسان آهي، جيڪو شاهه صدر لڪياريءَ جي خاندان مان هو. ناصراڻي ڳوٺ ۾ سيد جان محمد شاهه جي حويلي هئي. جان محمد شاهه ڪچي ڪنڌيءَ جو رڄ مڙس ۽ زميندار هو. هن ڳوٺ ۾ چانڊيا ذات جا ماڻهو ويٺل آهن. ڀورٽي ڳوٺ وڃڻ لاءِ به ناصراڻي پتڻ تان ٽپبو هو. هن پتڻ تان چوپايو مال، اناج ۽ تيلي ٻج، ڳڙ، مٺائي ٻيڙين تي آندو نيو ويندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو